اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف اسٽيشنز تي 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ا??سٽنٽ اٽارني جنرل کي خدمتن تان هٽائڻ ۽ مختلف اسٽيشنز تي 128 وڪيلن جي بطور ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ا??سٽنٽ اٽارني جنرل جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري عامر رحمان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل چار، اسلام آباد مان ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، اسلام آباد ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. مرزا نصر احمد جي ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، لاهور مان ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻه، لاهور ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. وزير ولايت علي جو بطور ڊپٽي اٽارني جنرل، گلگت بلتستان مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ واپ?? وٺڻ ج?? منظوري ڏني. صدر خدمتن تان هٽائڻ ج?? منظوري سينٽرل لاء ??فيسرز آرڊيننس 1970ع تحت ڏني. عهدو ڇڏيندڙ ۽ مقررين جي منظوري قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي.
صدر مختلف 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي هٽائڻ ۽ 128 نوان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا