اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين ??لائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين ??ي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشتگردن کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين ??هولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خا??مو به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ دهشتگردي جو خا??مو ڪري رهندي. وزراعظم دهشتگردي جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين ??ي جلد صحتيابي جي دعا ۽ علاج جي بهترين ??هولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگردي جي خا??مي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشتگردي جي خا??مي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگردي جي خا??مي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشتگردي جي خا??مي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبر??خت??نخواهه ڪائونٽر ??ير??ازم ڊپارٽمينٽ جي نئين ??ر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.
دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا