اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پريشانين جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضل??ي انتظاميا کي پاڻي ني??ال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ ??ي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻا??و وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي ني??ال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضل??ي انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائن.
وزيراعظم لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پريشانين جو نوٽيس ورتو، پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا