اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڻ?? ۽ محصولن واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جو استحڪام ۽ پائيدار اؤسر اسان جي نظر ۾ آهي، ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني ويندي. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي. عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي. جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊا??رن جي معاونت ملندي. هن اها ڳالهه سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمدعلي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به ان موقعي تي موجود هو. ??اڻ?? واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته نگران حڪومت هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻ جو اصول بڻايو آهي، اسان هڪ ٽيم طور جامع ۽ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، معاشي اهميت وارا ادارا ملي ڪم ڪندا. اي سي سي سميت ڪابينه جي سمورين ڪميٽين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ??اڻ?? واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جو استحڪام پائيدار اؤسر اسان جي نظر ۾ آهي ان مقصد لاءِ معيشت کي ??ست??ڪم ڪرڻو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ??اڻ?? واري وزير چيو ته ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ راست پروگرام کي جامع ۽ مؤثر انداز ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي، خساري ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن (ايس او ايز) جو ذڪر ڪندي هن چيو ته نقصان ۾ ويندڙ ادارن جو قومي خزاني تي بار پئجي رهيو آهي، ان ادارن جي حوالي سان پاليسي تيار ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ هڪ مرڪزي مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪي?? ويندو جيڪو ادارن بابت معاملن جي نگراني ڪندي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارن ۾ ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻاي?? ويندو ته جيئن ان جو فائديمند نجڪاريءَ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارن جي قرضن جو بار بئنڪنگ جي نظام تي آهي، ان بار کي ڪيپيٽل مارڪيٽ سان به منسلڪ ڪيو پيو وڃي. اسان جي ڪوشش هوندي ته حڪومتي سيڪيورٽيز کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فلوٽ ڪيو وڃي ان س??ن عام ماڻهو به حڪومتي سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري جي حامل ٿي ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته آمدني پيداوار کولڻ يا پابنديون هٽائڻ صنعتن لاءِ ضروري آهي ان س??ن گڏ صنعتون هلنديون. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ڏيهه موڪليل ??اڻ?? ۾ گهٽتائي سان مٽاسٽا جي ??اڻ?? جي ذخيرن تي دٻاءُ آهي پر اسان عالمي بئنڪ، ايشياتي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين گهڻ رُخي ادارن س??ن ڳالهيون هلي رهيون آهن. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو جنهن کانپوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي ان کان علاوه عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي، ان مقصد لاءِ ان ادارن س??ن معاملن کي تيزيءَ سان طئي ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اندازو آهي ته جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊا??رن جي معاونت ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته غير دستاويزي معيشت ۽ مارڪيٽ جو ڳاڻيٽو ٻُڌائڻ مشڪل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرنسي ۽ شين جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪري سگهجي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان قدمن جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته ملڪي معيشت جي صورتحال في الحال ٺيڪ آهي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ آمدني واپار تي پابندين س??ب رسد ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون هيون اڄ جي اجلاس ۾ اسان جو مؤقف هو ته آمدني مارڪيٽ کي کولڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ان س??ن رسد ۾ رڪاوٽون ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. آمدني واپار کولڻ سان خام مال وڌيڪ ايندو جنهن س??ن اسان جي روانگي واپار وڌندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته 22ع ۾ اسان جي آمدني واپار 78 ارب ڊا??ر هئي جڏهن ته روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ??اڻ?? جو ڪاٿو 55 ۽ 56 ارب ڊا??رن جي وچ ۾ هو، گذريل حڪومت آمدني بل کي 55 ارب ڊا??رن تائين گهٽ ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته اسان معيشت، صنعت ۽ آمدني واپار کي هاڻ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته خام مال، توانائي جون قيمتون ۽ گيس جي دستيابيءَ بابت معاملن جو به جائزو ورت?? ويو، اسان کي صنعتن کي ترجيح ڏيڻي آهي ڇاڪاڻ ته صنعتن جي هلڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته اڄ اجلاس ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جو پڻ تفصيل سان جائزو ورت?? ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سيزن جي شروعات کان اڳ اسان وٽ ڪيري اوور اسٽاڪ ۾ 8 لک ملين ٽن کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي جڏهن ته اسان جي ماهوار ضرورت 6 لک آهي.
معيشت جو استحڪام ۽ پائيدار اؤسر اسان جي نظر ۾ آهي، جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي: شمشاد اختر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار