نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي پي اين اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وز??را??ظم پاڪستان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائي، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريحان جي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايپنا مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن اي پي پي اين اي کي پاڪستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ??يڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل ايجوڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄائي آمريڪي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تسليم ڪيو وڃي ٿو. نگران وز??را??ظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آمريڪا ۾ پاڪستان جو اصل چهرو ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن وفد کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وز??را??ظم سان ملاقات ت?? ٿورا مڃيا ۽ نگران وز??را??ظم کي پاڪستان ۾ سماجي ڀلائي، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي پي اين اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.
يقين آهي ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات