اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙ??ڪا??ي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تا??ڪس??ان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙ??ڪا??ي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ