ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملتان ??وفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي فنڪارن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي ملتان ??ينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ۾ جي عمل ۾ مصروف آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان ??ي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ٿيڻ سان هتان ??ي ماڻهن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو آهي. نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ملتان ??ينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات جي افتتاحي تقريب کي سرائيڪي زبان ۾ خطاب ۽ ريڊيو پاڪستان ملتان ??ينٽر ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ۽ اديبن ۽ شاعرن سان ??يررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ننڍي کنڊ ۾ سلسله سهرورديه حضرت بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي ڪري شروع ٿيو، اهڙي طرح ننڍي کنڊ ۾ سلسله قادريه اُچ شريف کان ??ضرت غوث بندگي شروع ڪيو. هن چيو ته ملتان ??طي سدائين کان ??دب ۽ فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، هن خطي ۾ پوري ننڍي کنڊ مان فنڪار ۽ گلوڪار آيا، عظيم گلوڪار پٺاڻو خان، ثريا ملتانيڪر، استاد حسين بخش ڍاڍي، بدرو ملتاني، نصير مستانه، جميل پروانه، عاشق حسين، رمضان ??سين، پروين نظر، زاهده پروين، منصور ملنگي، غلام عباس ۽ ٻين گلوڪارن موسيقي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ سرائيڪي خطي جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان ??ينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ڪري رهيو آهي، هتان ??ي ماڻهن جو پراڻو مطالبو هو ته پي ٽي وي ملتان ??ي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ڪئي وڃي جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان ??ي نالي سان نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته منه??جو هن خطي جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن سان گهرو تعلق رهيو آهي، آئون جڏهن ڊي جي ريڊيو پاڪستان هئس ته قومي نشرياتي رابطي تي سرائيڪي خبرن جو بليٽن شروع ڪرايو، ان وقت يوسف رضا گيلاني پهريون بليٽن پڙهيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان ??ان ??يٽلائيٽ نشريات جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هتان ??ا فنڪار، اديب ۽ شاعر هاڻي آساني سان پوري دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهندا. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان گذريل 16 سالن دوران ??بر ۽ ڪرنٽ افيئرز جي شعبي جي پروگرامن کي بهترين طريقي سان ڪور ڪيو، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته موجوده دور جي شاعرن احمد خان ??ارق، عاشق بزدار، اقبال سوڪڙي، شاڪر شجاع آبادي، رفعت عباس ۽ اشو لال کانسواءِ ڪيترن ئي شاعرن شهرت حاصل ڪئي. پي ٽي وي نيشنل ملتان ??ي سيٽلائيٽ تي اچڻ کانپوءِ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي وڌيڪ موقعا مليندا. ان کان ??ڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان ملتان ??ينٽر ۾ جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. نگران وفاقي وزير جڏهن ريڊيو پاڪستان ملتان ??ينٽر پهتو ته ڊي جي ريڊيو سعيد احمد شيخ ۽ ريڊيو پاڪستان ??ي ٽيم ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان ??يڊيو سينٽر ملتان ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ريديو پاڪستان ملتان ۾ خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ ۾ جديد ترين ڊيجيٽل اسٽوڊيو ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڏکڻ پنجاب سان ??علق رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ لوڪ فنڪارن سان ??ير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هن چيو ته نگران ??ڪومت وٽ محدود وقت ۽ محدود اختيار آهن، اسان وٽ وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي، محدود وقت ۾ بهتر کان ??هتر ڪم ڪرڻ جي ??وش?? ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قانون موجب ريڊيو پاڪستان ??ميت سمورين ڪارپوريشنز کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز موجب هلائڻو هوندو آهي، ڪارپوريٽ گورننس جي حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي آهي، قانونسازي ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ گورننس سان ??دارن جي آزادي تي ڪو اثر نه پوندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان ملتان ??ا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
ملتان صوفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي فنڪارن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب