راولپنڊي-07 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي، پاڪ فوج ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت جو بي لوث ۽ مقدس فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ دشمن قوتن جي ناپاڪ ارادن کي هم آهنگي ۽ جامع حڪمت عملي ذريعي ناڪام ??ڻا??و پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرم?? چيف جنرل سيد عاصم منير پشاور جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آرم?? چيف کي سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي خلاف جاري ڪاررواين، غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي وطن واپسي ۽ نو?? ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرم?? چيف دهشتگردي جي خاتمي جي مختلف ڪاررواين دوران بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرم?? چيف انهن جي بهادري ۽ مثالي ڪاميابين کي ساراهيند?? چيو ته قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي ۽ هو پاڪ فوج جي ڪاميابين جو به اعتراف ڪري ٿي. جنرل سيد عاصم منير پهرين قومي ورڪشاپ خيبرپختونخوا (NWKP-1) جي شرڪت ڪندڙن کي به خصوصي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ آرم?? چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي خيبرپختونخوا جي غيور عوام جي پرعزم حمايت سبب ئي صوبي ۾ استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن تي اڳڀرائي حاصل ٿي آهي. آرم?? چيف نو?? ضم ٿيل ضلعن ۾ اقتصادي ترقي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. آرم?? چيف ان ڳالهه تي به روشن?? وڌي ته غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، انهن جي وطن واپسي جو فيصلو حڪومت ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڪيو آهي، غير قانوني پرڏيهين کي طئي ٿيل اصولن موجب باعزت طريقي سان سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو پيو وڃي. ان کان اڳ آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرم?? چيف جو استقبال ڪيو.
ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت جو مقدس فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں