اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪ??ت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگ??اني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگ??ان حڪ??مت جي نگ??اني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئي??ي ادارو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار حڪ??مت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪ??مت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آئيني حڪ??مت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آ??ي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.
ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ