اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خ??بر??ختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خ??بر??ختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ ت?? خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خ??بر??ختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم ک?? خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکند?? خيبرپختونخواهه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خ??بر??ختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خ??بر??ختونخواهه جي وڏي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خ??بر??ختونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪ??دار ادا ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada