اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان م??زباني ڪئي آهي، عالمي برادري افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪرڻ سان پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ مسئلي جي پائيدار حل جي ل??ءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ه??ءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) فليپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يو اين ايڇ سي آر سان پاڪستان جي پراڻي حصيداري جو حوالو ڏيندي چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ گڏيل قومن پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي چئلينجز جي باوجود پاڪستان سدائين افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان م??زباني ڪئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪرڻ سان پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ ۽ ان مسئلي جي پائيدار حل جي ل??ءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي لاڀائتو بڻائڻ جي ل??ءِ يو اين ايڇ سي آر تي زور ڏنو ته هو افغان پناهگيرن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ پائيدار حل کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته افغان پناهگيرن جي محفوظ ۽ باوقار وطن واپسي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي سلسلي ۾ عالمي برادري پاڪستان کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن ۽ سلامتي جي خطرن کي نظر ۾ رکي. گڏيل قومن جي ه??ءِ ڪمشنر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي مثالي مهمان نوازي جي ل??ءِ خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته يو اين ايڇ سي آر افغان پناهگيرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ر??ند??. واضح رهي ته گڏيل قومن جو ه??ءِ ڪمشنر 7 کان 9 جول??ءِ 2024ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.
چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن