اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار اي??ي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لف??ن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته عبدالستار ايڌي سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عبدالستار اي??ي جي پاڪستان ۽ انسانيت جي لاءِ بي مثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر چيو ته عبدالستار ايڌي بي لوث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عبدالستار اي??ي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری