اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان جي ڏينهن جي موقعي تي ??اڪستان حڪومت ۽ عوام پاران تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آه??. پرڏيهي آفيس موجب جاري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته آئون ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن کي سندس مثالي قيادت ۽ آسيان ايجنڊا کي اڳتي ??ڌائڻ ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي ??بارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ تعاون جي پائيدار جذبي جي علامت آه??، آسيان جي دوستن سان گڏجي ان سنگ ميل کي ملهائڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آه??. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) علائقائي انضمام ۽ گڏيل اڳڀرائي جي نموني طور تي بيٺل آه?? جيڪو اقتصادي ترقي، سماجي هم آه??گي ۽ سفارتي ??شغوليت ۾ نمايان ڪاميابين جو مظهر آه??. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ ۾ آسيان جي اهم ڪردار جو احترام ڪريون ٿا. آسيان جو ڏينهن نه رڳو اسان کي علائقائي تعاون جي اهميت کي ياد ڏياري ٿو پر خطي جي ڀرپور ثقافتي تاريخي ورثي کي اجاگر ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته آسيان سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل احترام، عدم مداخلت ۽ تعميري مشغوليت جي اصولن جي لاءِ گڏيل عزم تي ??ڌل آه??. اسان آسيا?? ڊائيلاگ مڪينزم ۾ هڪ فعال پارٽنر رهيا آه??ون ۽ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جهڙن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آه??. هن چيو ته آسيان سان اسان جو تعاون آسيان علائقائي فورم (اي آر ايف) ۾ اسان جي فعال شرڪت جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيو. پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي ڳولا ۾ آسيان سان پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اچو ان موقعي کي پنهنجي گڏيل ڪاميابي تي غور ڪرڻ ۽ آسيان جي مشن جي رهنمائي ڪندڙ اصولن جي لاءِ پنهنجي وابستگي جي تجديد ڪريون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان آسيان جي ويزن جي حمايت ۾ ثابت قدم آه?? ۽ ان جي جاري ڪاميابين ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جا منتظر آه??ون.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران آسيان جي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania