اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخانو چين ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان رابطي ۾ ??هي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته چين مان ميت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپورٽيشن لاءِ ميت کي محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابو?? ذريعي منتقل ڪرڻ سميت ٻيا قدم کنيا ويندا، جنهن کان پوءِ ميت کي ملڪ موڪليو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي مداخلت تي انشورنس ڪمپني شاگردياڻي جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ۽ يونيورسٽي شاگردياڻي جي ميت جي منتقلي جي حوالي سان خرچ برداشت ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي ??هي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر