راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻ??ئڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي ??يف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽيءَ جي موجوده صورتحال، دهشتگرديءَ جي خ??تمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرمي ??يف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرمي ??يف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خ??اجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي انهن جي سگهه وڌائڻ لاء?? مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آرمي ??يف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پ??هنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي ??يف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انهن جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرمي ??يف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خ??اجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرمي ??يف جي شاندار آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جو وانا جو دؤرو، دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ