اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جو وز??راعظم انور ابراهيم پاڪستان جو پنهنجو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. وز??راعظم محمد شه??از شريف معزز مهمان کي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ رخصت ڪيو. ان کان اڳ اربع ڏينهن پاڪستان اچڻ تي وز??راعظم محمد شه??از شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ ملائيشين وز??راعظم جو استقبال ڪيو هو. تفصيل موجب دوري دوران انور ابراهيم اعليٰ سطح جي وفد جنهن ۾ وز??ر، نائب وز??ر ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا وز??راعظم محمد شه??از شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته صدر آصف علي زرداري سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري کانپوءِ ملائيشين وز??راعظم انور ابراهيم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لکيو ته منهنجي پاڪستاني ??م منصب شه??از شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن سان گڏوگڏ صنعتي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي وسيع پئماني تي لاڀائتا نتيجا نڪتا. هن چيو ته انهن ملاقاتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اعليٰ قيادت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڌرين مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. دوري دوران ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ملائيشيا کي 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. انور ابراهيم چيو ته يقيني طور تي پاڪستان پاران گوشت، چانور ۽ پام آئل جي درآمد سميت واپار ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن اهم شعبن جي ذريعي هنرمند ڪارڪنن جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي سگهه ڏيندا. دوري دوران هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشين وز??راعظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ايوارڊ سان پڻ نوازيو. کيس نيشنل يونيورسٽي ??ف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو جتي هن ليڪچر پڻ ڏنو.
ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ