اسلام ??باد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ??روري آهي، حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذري??ي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ??روري آهي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهي??ن. ??ن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائزيشن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهي??ن. ??زيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.
موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر