اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئي 2023ع تي پُرتشدد عوامي تحريڪ بابت واقعن جي جاچ لاءِ ??وڊ??شل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست مشروط طور تي قبول ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض ڪيو آهي ته هي عام مفاد لاءِ ناهي ان ڪري عد??لت درخواست جي ميرٽ تي ڪارروائيءَ کان اڳ اعتراضن کي غلط ثابت ڪرڻ جي شرط سان درخواست جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل فار پاڪستان منصور عثمان اعواڻ درخواست منظور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ان وٽ درخواست خلاف دليل آهن، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد خان عد??لت آڏو دليل ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 9 مئي 2023ع تي ڇا ٿيو ان جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي سخت ضرورت آهي. عد??لت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا جي حوالي سان سندس ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ثبوت آهي ته هو پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري. جسٽس جمال خان مندوخيل ان کي هڪ واضح بيان قرار ڏنو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اٿارٽي اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عد??لت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي آ??ين جي آرٽيڪل 245 تحت سول حڪومت فوج کي طلب ڪندي ??هي?? جيڪڏهن درخواستگذار ان کي اڻ اعلانيل مارشل لا چوي ٿو ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال خان مندوخيل جي ان سوال تي ته درخواستگذار ان معاملي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڇو نه ڪيو؟ ايڊووڪيٽ حامد خان جواب ڏنو ته هي مسئلو سڄي ملڪ بابت ??هي?? نه ڪنهن خاص صوبي سان. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڏسڻ ۾ صحيح آهن پر عد??لت درخواستگذار کي درخواست تي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هو رجسٽرار آفيس طرفان اُٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي. عد??لت تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئي 2023ع جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست مشروط طور تي قبول
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج