اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪا??ين?? ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ?? رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ?? رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪا??ين?? ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃ??، جڏهن ته ڄاڻايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ?? رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪا??ين?? جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪا??ين?? ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجو??ز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪا??ين?? ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪا??ين?? جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃ?? ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪا??ين?? ۾ پيش ڪئي وڃ??. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪا??ين?? کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخ??وص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو