بيجنگ-08 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو برڪس ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حقيقي قدمن جو خواهشمند آهي. روس جي خابرو اداري مطابق چين ??ي واپار واري وزير برڪس ملڪن ??ي واپار ۽ اقتصادي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ چيو ته چين برڪس وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي. چين عالم?? ترقيءَ ۾ مناسب حصو وِجهڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو. هن برڪس ملڪن تي زور ڀريو ته اهي اُڀرندڙ منڊين ۾ هم آهنگيءَ کي مضبوط بڻائين ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۽ ماحوليات?? ترقي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن زور ڀريو ته عالمي معيشت جي بحاليءَ لاءِ برڪس جي ڪوششن ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ ا??فاق راءِ جي بنياد تي ڊگهي مدي جي سهڪار جي فارميٽس جو دفاع ڪر?? ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے