گڏيل قومون-28 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي واسيلي نيبنزيا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي وچ اوڀر بابت آمريڪي ٺهراءُ جي حمايت نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهي دستاويز فلسطيني شهرين کي مارڻ وار?? لائسنس کانسواءِ ڪجهه به ناهن، هن ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاران تجويز ڪيل ??زه تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي متبادل مسودي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ناهي ۽ ان جو مقصد ??سر??ئيلي ڪارروائي تي گڏيل قومن جي امدادي ڪاررواين کي وڌائڻ آهي. هن ??يو ته اسان ڪائونسل جي ميمبرن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان آمريڪي ٺهراءُ جي حمايت نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فوري جنگ بندي ۽ ??سر??ئيل پاران عالمي انساني قانون جي تعميل ??زه ۾ وڏي پئماني تي غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت ??زه لاءِ جنگ بندي، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي انساني راهدارين جي تخليق سڀ کان اهم آهي. واضح رهي ته 20 فيبروري تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ??زه ۾ فوري جنگ بند?? لاءِ هڪ ٺهراءُ جي منظوري کي روڪيو هو. روس ۽ چين سميت سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن کان 13 الجزائر پاران پيش ڪيل دستاويزن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، برطانيه ان ٺهراءُ کي رد ڪيو ۽ آمريڪا ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه بابت آمريڪي مسودي جي حمايت نه ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان