امراوتي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ دوائون ٺاهيندڙ ??مپ??ي ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت جڏهن ته 34 زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رياست جي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هڪ فارماسيوٽيڪل فرم ايسائنٽيا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ??مپ??ي جا 17 ملازم فوت ۽ 34 زخمي ٿي پيا. ڌماڪو منجهند جي ماني جي وقت ٿيو، ڌماڪي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. پوليس سپرنٽنڊنٽ ملازمن جي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪو ري ايڪ??ر واري هنڌ ٿيو ۽ ا?? جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا