اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ همدردي ۽ احساس تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان هڪ نئون پاڪستان آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق جي ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، پاڙيسري ملڪن سان برابري جي سطح تي دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، اسان جي امن جي خواهش کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان پنهنجي دفاع جي ??اءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ چئي جيڪو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 23 مارچ تي اسان جي ??لي تاريخ جو اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي ??سلمانن ع??امه اقبال جي تصور موجب پنهنجي ??نزل جو تعين ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔