ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سا?? قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سا?? ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ت?? اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سا?? اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي اس??ول?? ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئ?? جي لاءِ صاف پاڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سا?? جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سا?? ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ