اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دفاع واري وزير جنرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپ?? جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تعاون آهي، صدر چيو ته اسلامي دنيا کي ??ختلف مسئلا ۽ ڳنڀير حالتون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ام?? جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ??هچندو، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستا?? جي حمايت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ترڪ د??اع واري وز??ر ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪي جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪيو، ترڪ د??اع واري وزير چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشم??ر تڪرار تي پاڪستا?? جي حمايت جاري رکندو، هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena