اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ??يگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻ??ڻي کانپوءِ صحافين س??ن ڳالهائيندي چيو ته (ن) ??يگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ??يگ جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ??ي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ??ميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه ??ه ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.
اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ