اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مض??وط لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ث??بت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ ز??نز?? سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II