اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايت?? کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايت?? کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيرا??ظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيرا??ظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايت?? کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت ??ي ماتحت ا??ارن جون آهن. وزيرا??ظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت ??ي ماتحت ا??ارن جي 27 هزار شڪايت?? کي کوليو وين??و ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايت?? کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيرا??ظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
وزيراعظم پاران حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا