اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تع??ون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ??يو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن ??يو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تع??ون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت ??يو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گ??ا ڪئي. پرڏيهي وزير ??يو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي.
ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث