اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آه??، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آه?? ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آه??، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظر??و ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آه??، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آه??. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آه?? تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آه??، اهي مناسب وقت تي، ??رست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آه?? ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي نٿو سگهي، ??يم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آه??، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپلزپارٽي تي هاڻي زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آه??، پيپلزپارٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آه??. شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ميمبرن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آه??، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آه??، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آه??، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آه??، اهي پاڪستان اچي رهيا آه??، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آه??، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آه?? ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداس??ن، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿو، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناسب آه??، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.
مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria