اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. ??زي??اعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن خواجه محمد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احس?? اقبال، مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سلامتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پريميئر سيڪيورٽي ايج??سي?? ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪميونيڪيش?? جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان اهو نتيج?? اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر