اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي صحت جي فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبا??ند?? بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبا??ند?? جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبا??ند?? اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبا??ند?? بابت ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرور?? آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبا??ند?? ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي بنيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوبا??ند?? جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب پوري ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرور?? آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبا??ند?? ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبا??ند?? جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪندي چيو ته آبادي فنڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ته آبادي فنڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوبا??ند?? جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??ڏيل قومن جو آبادي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت