اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي م??قعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي م??بائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي م??بائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي م??يءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خد??ت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان منصوبي جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبريري جي م??صوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گهلي م??ي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.
ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام