اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪر?? کي برداشت نه ٿو ڪري ??گه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز ??ڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز ??ڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪر?? ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عو??مي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪر?? جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عو??مي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪر?? جي حڪمت عملي تيار ڪر?? جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ عو??مي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز ??ڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.
ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج