اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي حج جي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحا??ي جو گهوارو بڻجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج جي فرض جي ادائيگي ڪندڙ لکين ح??جي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران ح?? 1444هه تمام گهنو مبارڪ هجي، حج جي موقعي تي منهنجي الله جي آڏو اه?? دعا آهي ته پاڪستان جون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحا??ي جو گهوارو بڻجي. هن چيو ته منهنجي حج جي هن مقدس موقعي تي اه?? به دعا آهي ته الله تعاليٰ مسلمان امت خاص طور تي اسان جي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جون سموريون مشڪلاتون ختم ڪري.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات