منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفا??ي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان ح?? پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙن کي منيٰ، ??رفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفا??ي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي معاملا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفا??ي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام سان گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفا??ي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پانڏيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئڙن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير معلم ضيوف البيت کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت