اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت تاريخ جي متختصر ت??ين اتحادي حڪومت هئي جنهن 16 مهينن ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪي??ن، حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سياست بدران رياست کي بچائڻ کي ترجيح ڏني، 9 مئي تي ملڪ ۽ فوج جي خلاف بدت??ين سازش ڪئي وئي، ايس آئي ايف سي جو منصوبو پاڪس??ان جي لاءِ بهت??ين موقعو ۽ مڪينزم فر??هم ڪري ٿو، وفاق، صوبا ۽ ادارا گڏجي اڳتي وڌندا ۽ ڪريڊٽ جي چڪر مان نڪرندا ته ملڪ اڳتي وڌندو، قومي اتحاد کانسواءِ ملڪ نه ٿو هلي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. وزيراعظم چيو ته 11 اپريل 2022ع تي قومي اسيمبلي اسان تي اعتماد ڪي?? جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي، ان 16 مهينن ۾ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ان وقت جيڪا معاشي صورتحال هئي ان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ پوري ديانتداري سان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي عوام جي خدمت ڪئي وڃي، پنهنجي حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا، اها 15، 16 مهينن تي ٻڌل تاريخ جي مختصر ت??ين حڪومت هئي، اسان کي اقتدار ۾ ايندي ئي بدت??ين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن پوري پاڪس??ان ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي خاص طور تي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جا ڪجهه حصا به ٻوڏ کان شديد متاثر ٿيا هئا، اهو هڪ تمام وڏو چئلينج هو، جڏهن اسان متاثر علائقن ۾ ويندا هئاسين ته هر طرف سنڌو درياءَ جي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي نظر ايندي هئي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان وفاق ۽ چئني صوبن گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪي??، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاث??ين ۾ 75، 80 ارب رپيا انتهائي شفاف طريقي سان ورهايا جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. ان کانسواءِ اين ڊي ايم اي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪي??، سنڌ ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير ۽ انهن جي ٽيم ۽ پي ڊي ايم ايز ۽ باقي ادارن به متاث??ين جي مدد لاءِ بهت??ين ڪم ڪي??، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ اسان جون حڪومتون نه هيون پر اسان ڪو فرق نه ڪي?? ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪي??ن. دوست ملڪن ۽ ٻاهران جيڪا امداد آئي ان کي حقدارن تائين پهچايو، سنڌ سڀ کان وڏو متاثر صوبو هو، ان لاءِ ان کي امداد به وڌيڪ ملي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ پاڪ فوج جي ان وقت جي قيادت جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪي??. وزيراعظم شازيه مري جي خدمتن کي به ساراهيو جن ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ انتهائي محنت سان ڪم ڪي??. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير شيري رحمان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي خدمتن کي پڻ ساراهيو جن عالمي سطح تي ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ آواز اٿاريو. وزيراعظم وفاقي وزيرن احسن اقبال، سردار اياز صادق ۽ ڪابينا جي ٻينميمبرن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کانسواءِ به اسان جي حڪومت کي تمام وڏن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اسان اقتدار ۾ آياسين ته مهانگائي جو طوفان هو جيڪو اڃا تائين ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺي رهيو آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهن، جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته مهانگائي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو هو جنهن جو سبب اڳوڻي حڪومت جوي چار سالا بدت??ين غفلت هئي، اڳوڻي حڪومت نه رڳو داخلي پر پرڏيهي محاذ تي پڻ پاڪس??ان جي ساک کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستانجي تشخص کي مجروح ڪي??. وزيراعظم چيو ته اڄ ڪابينا جو آخري اجلاس آهي، پاڪس??ان جي تاريخ ۾ اهڙي طرح جي ڪابينا جو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ چئني صوبن جي قيادت موجود آهي جنهن سان ڪجهه فيصلا ڪرڻ ۾ اسان کي تمام گهڻي آساني ٿي، ان قيادت پنهنجي صوبن جي مفادن جو پڻ ڀرپور تحفظ ڪي??، اسان جي ڪابينا چئني صوبن جي هڪ خوبصورت گلدستي وانگر هئي، سمو??ين مشڪلاتن، چئلينجز ۽ پنهنجي پنهنجي منشور ۽ سوچ سان گڏ اسان 16 مهينن تائين گڏ ٿي پاڪس??ان کي بچائڻ جي لاءِ ڪم ڪي?? ۽ رياست کي بچايو، تاريخ ان ڪردار کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سياست جو نه سوچيو، پنهنجي سياسي مفادن جي قرباني ڏئي قومي مفادن جي آبياري ڪئي، ان سوچ تي آئون پنهنجي قائد محمد نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪي?? ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عوامي نيشنل پارٽي جي قائدين خاص طور تي ايمل ولي خان، ڊاڪٽر خالد مگسي، سردار اختر جان مينگل، محمود خان اچڪزئي، اسلم ڀوتاڻي، علي نواز شاهه، آفتاب احمد خان شيرپائو، علامه ساجد مير، شاهه زين بگٽي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سميت سمورن حڪومتي اتحادي اڳواڻن ۽ ڏاهن جا دل سان ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن هر قدم تي منهنجي مدد ڪئي، مشورا ڏنا، رهنمائي فراهمڪئي ۽ خلوص ۽ نيڪ نيتي سان مثبت تنقيد به ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ختم ٿيندي ئي نگران حڪومت وجود ۾ ايندي ۽ ايندڙ عام چونڊون ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ايندي اسان سڀ گڏجي هن ملڪ جي ٻيڙيءَ کي پار لڳائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، اسان تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ همت نه هاري، الله تعاليٰ جي مدد شامل نه هجي ها ته اسان ڪامياب نه ٿي سگهون ها. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، ان جي ٽيم ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي پڻ ان حوالي سان خراج تحسين پيش ڪي??. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي دوست ملڪن جي تعاون ۽ وفاقي ڪابينا ۽ ادارن جي ڪردار ۽ ڪوششن جي حوالي سان عوام کي ڄاڻ هجڻ گهرجي، چين گذريل چئن مهينن ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اٽڪل 5 ارب ڊالر جا قرض فر??هم ڪيا، چين جي اڳوڻي وزيراعظم آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڳالهه ڪئي ۽ کيس باور ڪرايو ته چين پاڪس??ان کي ڪنهن به مشڪل ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو ۽ مون کي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي به پاڻ اها ڳالهه ٻڌائي، ڪجهه هفتا اڳ چين جو هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪس??ان آيو، چيني قيادت پاڪستانجي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي پيغام موڪليو ۽ سي پيڪ جو اڳتي جو پروگرام به ڏنو، 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، ٻئي مرحلي ۾ به ??هم ت??ين شعبن ۾ تمام وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر ۽ اڪنامڪ زونز جي حوالي سان تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، گوادر جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي منصوبن جي تڪميل ٿي آهي، اهي منصوبا 6، 6 سالن کان لٽڪيل هئا. وزيراعظم 9 مئي سانحي کي پاڪس??ان جي تاريخ المناڪ ت??ين سانحو قرار ڏيندي چيو ته اها پاڪس??ان ۽ رياست جي خلاف بدت??ين سازش هئي، اها پاڪس??ان جي فوج ۽ ان جي سپهه سالار جي خلاف سازش هئي، اڳوڻي وزيراعظم عمران نيازي اهو جٿو تيار ڪي?? هو، اها پاڪس??ان کي تباهه ڪرڻ جي سازش هئي، جيڪڏهن اها سازش ڪامياب ٿي وڃي ها ته پاڪس??ان جو جيڪو حشر ٿئي ها آئون ان جي تصويرڪشي نه ٿو ڪري سگهيان، هڪ ڀيانڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ها، الله تعاليٰ اسان کي ان ناپاڪ ۽ بدت??ين سازش کان محفوظ رکيو، مون ڪالهه شهيدن جي والدين ۽ غازين سان جي ايڇ ڪي?? ۾ ملاقات ڪئي، پاڪس??ان جي هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ غازين جرئت ۽ بهادري جا داس??ان لکيا آهن ۽ بدت??ين دهشتگردي جو مقابلو ڪي?? آهي، پوري ملڪ کي دهشتگردي درپيش هئي، اسپتالن، مسجدن ۽ اسڪولن تائين دهشتگردن کان محفوظ نه هئا، جي ايڇ ڪي?? تي حملو ٿيو، استادن ۽ شاگردن تائين کي نه بخشيو ويو، ڪا جڳهه دهشتگردي کان محفوظ نه هئي، پاڪس??ان جي هٿياربند فوج، مذهبي سياسي پارٽين ۽ عوام گڏجي دهشتگردي جي لعنت جو مقابلو ڪي?? ۽ ضرب عضب ۽ ردالفساد آپريشنز ڪيا، هزا??ين ماڻهن جي شهادت جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، اهڙي عظيم قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي جو ڪو پٿر دل به تصور نه ٿو ڪري سگهي، پوري قوم پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي احترام تي هڪ آهي، 9 مئي جي سانحي سان انهن شهيدن جي وارثن ۽ غازين تي ڇا گذري هوندي، اسان کي 9 مئي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي مان سبق سکڻو پوندو، پوري قوم هڪ جٿي جي خلاف اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪي??، پوري قوم ان جٿي جي سازش کي رد ڪي??، پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل عاصم منير جيڪا پختگي ڏيکاري ۽ قائداڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪي?? ان سان ڪلاڪن ۾ معاملن تي ضابطو آندو ويو، وقت سر فيصلا نه ڪيا وڃن ها ته نتيجو مختلف ٿي سگهيو پئي، اسان کي ان سانحي مان اڳتي جي لاءِ سبق حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم قومي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هي ملڪ قومي اتحاد کانسواءِ اڳتي نه ٿو هلي سگهي، صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ جيڪو به فاصلو ٿيو ان کي گهٽ ڪرڻو پوندو، 16 مهينن ۾ سياسي قيادت سنجيدگي ڏيکاري آهي، حڪومتي اتحاد ۾ شامل هر پارٽي جو پنهنجو پنهنجو منشور ۽ پنهنجي پنهنجي سياسي سوچ آهي پر هڪ مقصد جي لاءِ اسان گڏ ٿا آهيون، نواز شريف سميت سياسي قائدين ڪمال جي سياسي پختگي ۽ سنجيدگي جو مظاهرو ڪي?? ۽ تدبر، برداشت ۽ صبر کان ڪم ورتو. وزيراعظم چيو ته تاريخ ياد رکندي ته ڪهڙي طرح مختلف سياسي پارٽين گڏجي مسئلن تي ضابطو آندو. هن چيو ته پاڪس??ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 75 سالن ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون ان دوران بار بار فوجي حڪومتون اينديون رهيون ۽ 33، 34 سال مارشل لاء ۾ گذري ويا ۽ اڻسڌي طرح به سياسي حڪومتون ڪنٽرول ٿينديون رهيون. پاڪس??ان ان مقام تي پهچي ويو آهي ته اها ڳالهه ڪندي شرم اچي ٿي ته بنگلاديش به اسان کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ اهو ملڪ جنهن اسان جو 5 سالا منصوبو ڪاپي ڪي?? اهو آسمانن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون، اوڀر ۾ اسان جو پاڙيسري 60ع، 70ع، 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ به ڪيترن ئي ميدانن ۾ اسان کان پٺتي هو پر اڄ هو ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان کي اڳتي نڪري چڪو آهي، ڪو ته سبب آهي جو اسان پٺتي رهجي وياسين، ڪٿي ته اسان غلطيون ڪي??ن هونديون جو ننڍا ننڍا ملڪ به اڳتي نڪري ويا ۽ انهن ۾ اهڙا به ملڪ آهن جن ۾ هڪ ڪلو ڪپهه به پيدا نه ٿئي ٿي پر اهي ڪپهه درآمد ڪري به ايڪسپورٽرز بڻجي ويا، اهو اسان جي فڪر جو لمحو آهي، ان صورتحال تي بطور پاڪستاني سڀ کان اڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي ذميوار قرار ڏيندس، اڄ جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي بيهارڻو آهي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن ڪرڻو آهي ته اسان کي سوچڻو پوندو، سعودي عرب، يو اي اي، قطر، چين ۽ دوست ملڪ مدد نه ڪن ته آءِ ايم ايف سان پروگرام نه ملي ها، 6 ارب ڊالر جو گيپ هو، هڪ ارب ڊالر انهي وقت اسلامي بئنڪ اتي ويٺي ويٺي ڏئي ڇڏيا، ڀائر ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا پر اسان ڪيستائين قرض وٺندا رهنداسين، قرض وٺي جرمني ۽ جاپان سميت ڪيترائي ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي ويا، ايس آئي ايف سي جو منصوبو پاڪس??ان جي لاءِ بهت??ين موقعو آهي ۽ اهو هڪ بهت??ين مڪينزم فر??هم ڪري ٿو، وفاق، صوبا ۽ ادارا گڏجي اڳتي وڌندا، ڪريڊٽ جي چڪر مان نڪرندا ته ملڪ اڳتي وڌندو، اسان کي گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، ايس آئي ايف سي ۾ وفاق، چار ئي صوبا ۽ ادارا ۽ سپاهه سالار جنرل عاصم منير شامل آهن، اسان گڏجي اهو ويزن ٺاهيو آهي، دوست ملڪن کي گڏائي سيڙپڪاري جي ذريعي ۽ استحڪام پيدا ڪري اڳتي وڌنداسين. مون کي اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون انهي ويزن کي اڳتي وڌنديون. وزيراعظم 16 مهينن دوران پنهنجي معاونت ڪندڙ سمورن اعليٰ آفيسرن ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ذميوارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جا به ٿورا مڃيا.
اسان جي حڪومت تاريخ جي متختصر ترين اتحادي حڪومت هئي جنهن 16 مهينن ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سياست بدران رياست کي بچائڻ کي ترجيح ڏني: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا