اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي سفارتخان?? جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين ??ان يڪجهت?? جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع ??ان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام ??ان يڪجهت?? جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين فلسطين ??ان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي ق??ول ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي ق??من ??ان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن ??ان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پاران ا??ان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ا??ان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ ??ان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وق?? ۾ فلسطين جي سفارتخان?? جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي ق??من کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ق??ار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر پاران فلسطين جي سفارتخاني جو دورو، اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : sorteios quina