اسلام آباد – 21 – ??يب??وري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نذير ناجي ڏاهو صحافي ۽ تجزيه نگار هو، هن پنهنجي پوري زندگي ص??اف?? ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي، نذير ناجي جا ڪالم ۽ تجزيا سدائين معلوماتي ۽ بصيرت وارا هوندا هئا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نذير ناجي پنهنجي ڪم جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، نذير ناجي مرحوم جي لاڏاڻي سان ص??اف?? جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نذير ناجي جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم گرم