ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ٿنڀ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا جي حمايت ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي ميڊيا ه??ئوسز ۽ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ قدم کنيا. هن ??يو ته هو جلد ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪري ص??افين سان تفصيلي ملاقات ڪندو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي ص??ر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان اطلاعات واري وفاقي وزير کي ص??افين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي ص??ر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان کي ڪراچي پريس ڪلب جي لاءِ 10 لک ??پين جو چيڪ پڻ ڏنو.
ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ٿنڀ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ