اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان گذريل سال (2023ع) ۾ جي??ن ۾ قيد 485 ڀارتي شهرين کي آزاد ڪيو جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا، اسان ڀارتي جي??ن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پهرين جولاءِ 2024ع تي 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئ??. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي??ن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست حوالي ڪئ?? جڏهن ته ڀارت پنهنجي جي??ن ۾ قيد 452 پاڪستاني شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست شيئر ڪئ??. هن چيو ته پاڪستان پاران گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست پڻ ڀارت کي ڏني وئي جن با??ت خيال آهي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کان ڀارت جي تحويل ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن انساني مسئلن کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ڀارتي جي??ن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ 2024ع ۾ 4 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي ٿي.
پاڪستان 2023ع ۾ 485 ڀارتي شهرين کي آزاد ڪيو، جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب