اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ ا??تحڪام ضروري آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ راهه هموار ڪئي، ا??ان جو ڌيان ملڪ ۾ محفوظ ڪاروبار دوست ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ سي اي او سمٽ ۽ 100 سي اي او اينڊ ڊپلوميٽس ڪتاب جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ راهه هموار ڪئي، جڏهن به ا??ان کي حڪومت ۾ اچڻ جو موقعو مليو، ڪاروباري برادري ا??ان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان ڀرپور فائدو کنيو. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن ا??ان حڪومت ڇڏي وياسين ته ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو هئي جنهن جو ڪاٿو 6.4 سيڪڙو لڳايو پئي ويو. ان وقت مهانگائي رڳو 4 سيڪڙو تي هئي، ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري اچي رهي هئي، چين سي پيڪ منصوبي تحت اٽڪل 70 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، ان وقت سمورا مالياتي رسالا ۽ ادارا اڳڪٿي ڪري رهيا هئا ته پاڪستان ايندڙ 6 يا 7 سالن ۾ جي – 20 ۾ شامل ٿي ويندو، ا??ان ان وقت جي – 20 تائين پهچي چڪا هئاسين. ا??ان جو اولين ڌيان ملڪ ۾ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي هو، ا??ان کي سڀ کان وڏو چئلينج توانائي جو بحران هو، هر سال توانائي جي بحران جي ڪري 500 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو، ان وقت 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي، پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽرز جي تعاون ??ان توانائي جا موثر پلانٽس هنيا ويا، ا??ان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري زيرو تي کڻي آياسين، ا??ان توانائي جي بحران کي حل ڪيو، اهو ڪو آ??ان ڪم نه هو، ا??ان پنهنجو واعدو پورو ڪيو. هن چيو ته ٻيو وڏو چئلينج ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال هئي، ملڪ جو ڪمرشل حب ڪراچي انتهائي غيرمحفوظ هو، ڪراچي ۾ امن جي بحالي ا??ان جو پختو عزم هو، سديڪيورٽي فورسز جي مدد ??ان ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي ڪم شروع ڪيو، انهن چئن سالن ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ ا??ان کي ڊيفالٽ جو خطرو درپيش هو، ان وقت ايڪسپورٽرز کي ڪرنسي جي ريٽ ۾ لاهن چاڙهن جي ڪري مشڪلاتون درپيش هيون، حڪومت جي صحيح پاليسين جي نتيجي ۾ اعتماد وارو ماحول پيدا ٿيو ۽ ملڪ ڊيفالٽ جي خطري کان ٻاهر آيو، ا??ان ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني ۽ ڪاروبار دوست پاليسين کي فروغ ڏنو، ملڪ ۾ اعتماد جي فضا کي پروان چاڙهيو، ملڪي ترقي جي لاءِ پاليسيون جوڙيون. هن چيو ته ا??ان جو يقين آهي ته استحڪام کانس??اء?? معاشي ترقي ممڪن نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي ففٿ جنريشن وار جو چئلينج درپيش آهي، غلط ۽ جعلي خبرون ملڪي معيشت کي نقصان پهچائين ٿيون، مس انفارميشن، پروپئگنڊه ۽ جعلي خبرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ محفوظ ماحول جوڙڻ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي، حڪومت رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي ڪم شروع ڪيو آهي، اهڙا سرڪاري ادارا موجود آهن جيڪي رڳو ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي تي هلن ٿا، معيشت ۾ انهن جو ڪو حصو نه آهي، ان جو هڪ مثال پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ آهي جنهن ۾ هر سال 100 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو، حڪومت ان اداري کي بند ڪرڻ جو جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن چيو ته رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ جي حوالي ??ان ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جي پوري نظام کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ناليواري فرم مڪينزي ڪارپوريشن ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي فنڊنگ ??ان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪرير هي آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن کانپوءِ فائيلرز جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن به ڪا آفت اچي ٿي ته ڪاروباري برادري کي مشلاتون درپيش اچن ٿيون. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري آسانين جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري آسانين کانس??اء?? ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.
معاشي ترقي جي لاءِ استحڪام ضروري آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ راهه هموار ڪئي آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ