اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو وزيراعظم سندس دوري دوران مل??ي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪن??و ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن??و. چين جي وزيراعظم سان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقيا??ي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به وزيراعظم جو گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن وزيراعظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو وزيراعظم بعد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪن??و جتي کيس باضابطا آج??اڻ?? واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي وزيراعظم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪن??ا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪن??ا.
چين جو وزيراعظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪن??و. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪن??و. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر ??ي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪن??و.