اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پ??ڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي ته ??يئن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن خطي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي عوام جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ??ن منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گه??ي مدد ملندي. راشد مريدوف اشڪ آباد ۾ مگتي مولي فارگي جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??هو ترڪمان عوام جي احترام جو هڪ عظيم مثال آهي. هن ترڪامنستان جي صدر سردار بردي محدوف ۽ ترڪمانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين قربان بردي محدوف پاران صدر آ??ف علي زرداري کي خصوصي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. صدر اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت تي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف جا ٿورا مڃيا. صدر ترڪمانستان جي حڪومت پاران اشڪ آباد جي دوري دوران سندس شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil