اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آه??، وفاق سمورن صوبن کي هر ممڪن سپورٽ ۽ سهولت فراهم ڪندو، اي پي ايس واقعي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو جنهن تحت دهشتگردي جو خاتمو ٿيو پوءِ هڪ حڪومت اهڙي آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو، طالبان کي واپس آڻي رهايو، اڄ ان جو ??يِتو اسان ڀوڳي رهيا آه??ون، دهشتگرد ڪڏهن خيبرپختونخواهه ۽ ڪڏهن بلوچستان ۾ حملا ڪن ٿا، دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آه??، بيگناهه مزدورن کي شهيد ڪيو ويو، ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جي لاءِ پوليس جي تربيت ڪئي وئي ۽ انهن کي گهربل شيون فراهم ڪيون ويون، باني چيئرمين پي ٽي آءِ چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي روايت وڌي، اسان ڪڏهن به سياسي مخالفت کي سياسي دشمني ۾ نه بدلايو، جڏهن باني پي ٽي آءِ اسٽيج تان ڪِريو ته نواز شريف پنهنجي چونڊ مهم ملتوي ڪئي ۽ سندس تيمارداري جي لاءِ ويو، باني پي ٽي آءِ نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آه??. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صوبن ۾ امن امان جا معاملا 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتن کي منتقل ٿي چڪا آه??، وفاقي حڪومت دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان صوبائي حڪومتن کي هڪ فورم تي گڏ ڪيو. هن چيو ته سرحدن تي اسمگلنگ، دهشتگردي، وڏن گروهن جهڙن معاملن جي حل جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو. هن چيو ته اي پي ايس کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان جو بنياد رکيو ويو، اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، اي پي ايس جي معاملي تي پوري قوم هڪ پيج تي گڏ هئي، وفاق ان وقت چيو ته وفاق وڏي ڀاءُ جو ??ردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم جي باوجود امن امان جي ڳنڀير مسئلن تي قومي پاليسي ٺاهڻ ۾ گڏجي ويهي ڳالهه ڪئي وئي، نيشنل ايڪشن پلان جي ميٽنگز ۾ وزيراعظم پاڻ ڪيترائي ڀيرا ڪراچي ويو، ڪراچي جون روشنيون بحال ٿيون، امان بحال ٿيو. هن چيو ته 2013ع ۾ هر ٻئي ڏينهن دهشتگردن جا حملا ٿيندا هئا، آءِ اي ڊيز جي ذريعي حملا ڪيا ويندا هئا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ۾ عالمن ۽ ميڊيا کي گڏ ڪيو ويو، نفرت انگيز تقريرن تي پابندي هنئي وئي، اتحاد بين المسلمين ان ۾ پنهنجو ??ردار ادا ڪيو، سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سمورين ڌرين جي تعاون سان نيشنل ايڪشن پلان تي ڪاميابي سان عملدرآمد ٿيو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو. هن چيو ته ان کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو ۽ دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو. ان جي ان قدم جي ڪري اڄ اسان لاش کڻي رهيا آه??ون، روزانو اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آه??. اهو بگاڙ ڪنهن ۽ ڪڏهن پيدا ڪيو؟ ان وقت جي وزيراعظم دهشتگردن کي واپس آڻي رهائڻ وقت اهو نه ڏٺو ته نيشنل ايڪشن پلان موجود آه??، ان نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاق ۽ صوبن گڏجي قربانيون ڏنيون آه?? ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آه??.اڄ اهي دهشتگرد بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حملا ڪن ٿا. هن چيو ته علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪن مان 16 ڪلاڪ سياسي سرگرمين تي لڳائي ٿو پر امن امان جي حوالي سان سندس ڪو ڌيان نه آه??. ڪنهن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان تي ڌيان نه ڏنو ته اتي سيف سٽي منصوبو لڳي سگهي. هن چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيف سٽي جو ??اميابي سان ڪم ڪري رهيا آه??ون، لاهور ۾ اسان جو سينيئر آفيسر ڪيپٽن مبين شهيد ٿيو، هن گهڻي سدروس ڪوئيٽا ۾ ڪئي هئي، سيف سٽي ڪئميرائن جي ڪري اسان ڏوهاري ٽريڪ ڪيا، انهن افغان شهرين تائين پهتاسين جن کيس شهيد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي ۽ انهن کي سزا ڏياري، قصور ۾ زينب قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهاري کي ڦاهي ٿي. هن چيو ته دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آه??، دڪي واقع ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهه مزدور هئا، سرفراز بگٽي قابل وڏو وزير آه??، مٿس مڪمل اعتماد آه??، سيڪيورٽي ايجنسين سان گڏجي هو دهشتگردي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آه??. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به امن قائم ڪيو آه??، هاڻي به ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو ??ريڊٽ صدر آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، اهو سندس ويزن هو، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا، امن امان ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ صوبن کي فنڊز ملن ٿا. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين نيشنل ايڪشن پلان تي ڪو اجلاس نه ٿيو، دهشتگردي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ان دور جي حڪومت جي ترجيحن ۾ نه هو. سياسي مخالفت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي سيکاريو ويو هو ته سياسي مخالف سياسي دشمن ناهي هوندو، اسان کي سيکاريو ويو هو ته جڏهن مخالف ڪِرين تان ڪريو ته سندس اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي وڃي ٿي، نواز شريف 2013ع ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي ڪِرين تان ڪري زخمي ٿيڻ تي پاڻ اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي، 2013ع جي اليڪشن کانپوءِ پاڻ هلي بني گالا ويو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اها وقت جي ڌارا آه??، ڪالهه توهان هتي ويٺا هئا اڄ اسان ويٺا آه??ون، سڀاڻي ڪو ??يو ويٺو هوندو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ اسان جي سياسي روايتن کي زهريلو ڪيو. سندس دور ۾ فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال کان جيل موڪليوويو، مريم نواز کي ڪوڙن ڪيسن ۾ والد جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي روايت باني چيئرمين پي ٽي آءِ وڌي. هن چيو ته نواز شريف جي والده لاڏاڻو ڪري وئي هئي ۽ جج کي آرڊر هو ته جرح مڪمل ڪرڻي آه??. جهانگير ترين ۽ عليم خان جي خاندانن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، شهباز شريف جي ڌيئرن جي گهرن جو ??هيراءُ ڪيو ويو. هن چيو ته باني چيئرمين سياست کي آلوده ڪيو ۽ نفرت ڦهلائي، هن نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آه?? پر وفاق ڀرپور تعاون جي لاءِ تيار آه??، ڪچي جو مسئلو رڳو سنڌ جو مسئلو نه آه??، اهو پنجاب ۾ به آه??، ڪچي جي آپريشن ۾ پوليس کي موڪليو ويو، پوليس کي بوٽس فراهم ڪيون ويون، درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آه??. نيشنل ايڪشن پلان جي ميٽنگز ۾ چار ئي صوبائي وڏا وزير شرڪت ڪن ٿا، وفاق جو امن امان تي ڀرپور ڌيان آه??، صوبائي حڪومتن کي نه رڳو سپورٽ پر هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين.
امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي، وفاق سمورن صوبن کي هر ممڪن سپورٽ ۽ سهولت فراهم ڪندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria