ڪوئيٽا -20 ڊسمبر (اي پي پي) ڪوئيٽا وادي سميت ب??وچستان جي مٿانهين وارا علائقا شديد ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، ڪوئيٽا وادي ۾ گهٽ ۾ گه?? گرمي پد ??اٽو 6 ڊگري سينٽي گ??يڊ تائين گهٽجي ويو، روڊن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي ڄمي برف ٿي ويو. موسميات کاتي مطابق سڀني کان گه?? گرمي پد بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي گ??يڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي. صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ برسات جو امڪان ناهي. زيارت ۾ گرمي پد ??اٽو 6، نوڪنڊي ڪاٽو 2، سبي 4، جيواڻي 6، گوادر 10، تربت 8، خضدار 2 ۽ بارکان ۾ گهٽ ۾ گه?? گرمي پد 4 ڊگري سينٽي گ??يڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق صوبي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ ٿڌ جي لهر جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ