واشنگٽن -03 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو آهي، ته اسرائيل جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو يرغمالين ??ي آزادي واري معاهدي لاءِ پنهنجو?? مڪمل ڪوششون ناهي ڪري رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس ۾ صحافين ??مريڪا جي صدر کان سوال ڪيو ته ڇا اسرائيل جو وزيراعظم غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪافي ڪوششون ڪري رهيو آهي؟ ته صدر انڪار ۾ جواب ڏنو. آمريڪا جي صدر وڌيڪ چيو ته ٽياڪڙ جنگ بندي معاهدي جي حوالي سان حتمي تجويزون پيش ڪرڻ جي گه??و ويجهو آهن. واضح رهي ته آمريڪا، قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي سان گذريل ڪيتر?? ئي مهينن کان غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں