اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بج??ٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ عام ماڻهو تي ڪو نئون ٽيڪس ناهي هنيو ويو، بج??ٽ ۾ 120 ارب رپيا ٽيڪس هنيا ويا آهن جڏهن ته مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ 33 ارب رپين جو رليف فراهم ڪيو ويو آهي، زراعت جي لاءِ گذريل سال جا سمورا رعايتي پئڪيج بحال رکيا آهن، ڊي اي پي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس ۾ 300 رپين جي ??هٽتائي ڪئي وئي آهي، سرڪ??ري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو جي ايڊهاڪ اضافي کي بنياد پگهار ۾ ضم ڪرڻ کانپوءِ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويندو. بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان کي ملڪ جي معاسي استحڪام جي لاءِ گڏجي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪريون ته جيئن معاشي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته مون پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ به ٽن سالن بدران 5 سالن جي ميڪرو اڪنامڪ هدفن جو ذڪر ڪيو هو ته جيئن 23 – 2018ع جي حڪومت جي دور ۾، جن??ن کي به حڪومت جو موقعو ملي، اهي معاشي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ هي آخري سال آهي جن??ن ۾ اسان کي چارٽر آف اڪانومي تي متفق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اقتصادي ۽ سماجي هدفن جو صحيح تعين ڪري سگهجي.
ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو آهي: اسحاق ڊار جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری