اسل??م آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي ??ذهبي ??ذب?? کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي ا??از?? نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي ??عاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي ??ذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي ??ڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج