اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عا??مي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيرا??ظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيرا??ظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عا??مي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت سان جتي عا??مي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عا??مي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته گلگت ب??تستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيرا??ظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ايڪسپو جي حوالي سان تيارين کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ تيارين بابت جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان